Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 3:3
25 Iomraidhean Croise  

انهن مغرورن جي دلين تي چرٻي چڙهي ويئي آهي، پر مون کي تنهنجي شريعت ۾ ڏاڍي خوشي ملي ٿي.


پوءِ اها سموري چرٻي جيڪا آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان هوندي آهي ۽ جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ مٿن لڳل چرٻي کڻي قربان‌گاهہ تي ساڙي ڇڏج.


تون گھٽي جي چرٻي، سندس دنب، ٻي چرٻي جيڪا سندس آنڊن ۽ اوجھريءَ تي هوندي آهي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون، انهن تي لڳل چرٻي ۽ ان جي ساڄي ران کڻج.


اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو.


اي يسعياہ! تون هن قوم کي منهنجو پيغام ٻڌائڻ سان سندن دماغن کي تالو هڻ، هنن جا ڪن گھٻرا ڪر ۽ سندن اکيون بند ڪر، نہ تہ متان هو پنهنجي اکين سان ڏسن ۽ ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


آءٌ اوهان کي نئين دل عطا ڪندس ۽ اوهان جي اندر ۾ نئون ذهن وجھندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.


خداوند خدا فرمايو تہ ”لاوي قبيلي مان صدوق ڪاهن جي نسل وارا ئي ڪاهن جي حيثيت ۾ منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ منهنجي ويجھو ايندا. اهي ئي منهنجي حضور ۾ حاضر رهي قربانين جي چرٻي ۽ رت پيش ڪندا، ڇاڪاڻ تہ جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، تڏهن اهي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي وفاداريءَ سان سار سنڀال ڪندا رهيا.


پوءِ قرباني ڪندڙ انهيءَ جا عضوا وڍي ڌار ڪري. ڪاهن انهن کي منڍيءَ ۽ چرٻيءَ سميت قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان ٺاهي رکي.


هو منڍي ۽ چرٻي ڌار ڪيل عضون سميت قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان ٺاهي رکي.


هو پاڪ ٿيڻ واسطي ڪيل قربانيءَ واري چرٻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي.


هو قربانيءَ واري جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت.


سردار ڪاهن اها اهڙيءَ طرح ڪڍي جهڙيءَ طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري ڳائي ڍور جي ڪڍبي آهي. پوءِ هو انهن کي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي.


اهو هو پاڻ پنهنجي هٿن سان مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور آڻي. هو چرٻي سيني سميت کڻي اچي تہ سينو هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي. اهڙيءَ طرح قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني پيش ڪئي وڃي.


انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ مان هن چرٻي، بڪيون ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.


’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


پر عيليءَ جا پٽ ان جي ابتڙ چرٻي ساڙڻ کان اڳ ۾ ئي نوڪر کي موڪليندا هئا جيڪو قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ”ڪاهن جي لاءِ ڪباب ڪرڻ واسطي گوشت ڏي، هن کي اٻريل گوشت نہ بلڪ ڪچو گھرجي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan