Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هو قربانيءَ واري جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 3:2
23 Iomraidhean Croise  

پوءِ تون اهو وهڙو مون سان ملاقات واري خيمي جي سامهون آڻج. هارون ۽ سندس پٽ ان وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


پوءِ تون اهو وهڙو مون خداوند جي آڏو مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ ذبح ڪج.


پوءِ تون هڪڙي گھٽي کي ويجھو آڻج. هارون ۽ سندس پٽ انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


پوءِ انهيءَ گھٽي کي تون ذبح ڪري، ان جو رت کڻي قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏج.


پوءِ تون ٻيو گھٽو آڻج، جيڪو مخصوصيت جو گھٽو آهي. هارون ۽ سندس پٽ انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


انهيءَ کي هو قربان‌گاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


’بني اسرائيل مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، گھٽو يا ٻڪر ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي قربانيءَ طور ذبح ڪندو،


يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،


هو قربانيءَ واري انهيءَ جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


ان کان پوءِ موسيٰ ٻيو گھٽو، جيڪو ڪاهنن جي مخصوصيت جو گھٽو هو، سو اڳتي آندو. هارون ۽ سندس پٽن انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


پر ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي پهريتن ڦرن جو تون عيوضو نہ وٺ، اهي مخصوص آهن. اهي قربان ڪيا وڃن ۽ انهن جو رت تون قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ڇڏ ۽ انهن جي چرٻي قربانيءَ طور ساڙي ڇڏ تہ مون خداوند لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي.


اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan