Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هو پنهنجي انهيءَ قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ هو انهيءَ مان پنهنجي قرباني يعني باهہ سان ساڙيل قرباني خداوند جي لاءِ چاڙهي؛ پر آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 3:14
13 Iomraidhean Croise  

ڪوبہ انهيءَ گوشت کي ڪچو نہ کائي، نہ ئي وري ان کي پاڻيءَ ۾ اوٻاري کائي. پر انهيءَ کي منڍيءَ، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي رکي پچائي کاڌو وڃي.


اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو.


آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.


هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت.


پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


هنن اهي سڀ سينن تي رکي ڇڏيا. پوءِ هارون اتان چرٻي کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘


سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan