Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 27:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي باس باسي ٿو، جنهن کي مون خداوند جي حضور ۾ قربان ڪري ٿو سگھجي، تہ اهو مون خداوند جي لاءِ نذر ڪيل جانور مخصوص ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جن جانورن کي خداوند جي لاءِ قربان ڪندا آهن، تن مان ڪنهن کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ مڃت طور پيش ڪري، تہ اُهو پاڪ ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 27:9
7 Iomraidhean Croise  

جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي.


پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ رکو، تان‌تہ اها اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏئي ۽ پوءِ اوهان کي ڪاهن جي آڏو ائين نہ چوڻو پوي تہ ”مون کان ڀل چوڪ ٿي ويئي آهي.“ سو ائين نہ ٿئي جو خدا اوهان جي چيل ڪنهن ڳالهہ تان ناراض ٿي اوهان جي محنت سان ڪيل هر ڪم کي برباد ڪري ڇڏي.


انهيءَ حصي مان لاوي ڪو ٽڪرو وڪڻي نہ سگھندا، نڪي مٽا سٽا ڪري سگھندا ۽ نہ وري انهيءَ زمين کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اها خاص زمين مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي.


پوءِ هو انهيءَ کي ڪنهن بہ طرح نہ بدلائي، نڪي خراب جي بدران چڱو، نہ چڱي جي بدران خراب ڏئي. پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ چاهي تہ پوءِ باسيل ۽ ان جي بدران ڏنل، اهي ٻئي جانور مخصوص ٿيندا.


پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها خدا جي نذر ٿي چڪي آهي،“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan