Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 27:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 27:8
11 Iomraidhean Croise  

هو شام جو منهن انڌاري مهل ارامين جي خيمي‌گاهہ ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿيا. جڏهن هو خيمي‌گاهہ وٽ پهتا تہ ڇا ڏسن تہ ڪوبہ ماڻهو اتي ڪونهي.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”اهڙين ڳالهين تي آءٌ اوهان کي ڇو معاف ڪريان؟ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪوڙن معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهيو. مون اوهان کي آسودگي عطا ڪئي تہ بہ اوهان وڃي زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گھرن ۾ وڃي ڳاهٽ ٿيو ٿا.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


سٺ سالن کان مٿي عمر واري مرد جي قيمت پندرهن چانديءَ جا سڪا هجي ۽ سٺ سالن کان مٿي عمر واري عورت جي قيمت ڏهہ چانديءَ جا سڪا هجي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي باس باسي ٿو، جنهن کي مون خداوند جي حضور ۾ قربان ڪري ٿو سگھجي، تہ اهو مون خداوند جي لاءِ نذر ڪيل جانور مخصوص ٿيندو.


پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan