Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 27:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهن ماڻهن جي قيمت، عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هن ريت ٿيندي. ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري مرد جي قيمت پنجاهہ چانديءَ جا سڪا هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 انهن ماڻهن جي قيمت، تنهنجي ٺهرايل انداز موجب هن ريت ٿيندي: مرد ماڻهوءَ جي واسطي جنهن جي عمر ويهن ورهين کان وٺي سٺ ورهين تائين هجي، تنهن جي لاءِ تون پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا چانديءَ جا پنجاهہ مشقال انداز مقرر ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 27:3
10 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


هر هڪ مرد جيڪو شمار ٿيندڙن جي ٽولي ۾ شامل ٿيندو وڃي، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور جي حساب سان اڌ سڪو مون خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ ڪاهن انهيءَ جي چڱي يا خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي.


اهي سموريون قيمتون عبادت‌گاهہ جي سڪي موجب مقرر ٿينديون. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.


ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري عورت جي قيمت ٽيهہ چانديءَ جا سڪا هجي.


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.


ان کان علاوہ هو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ ڌڻ مان ايتري قيمت جو هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري، جيتري قيمت جو مقرر ڪرڻ گھرجي.


اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.


تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan