Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 26:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ اوهين پنهنجن دشمنن کي ڀڄائي ڪڍندا، ۽ اهي اوهان جي اڳيان ترار سان ڪيرايا ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 26:7
13 Iomraidhean Croise  

جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا ٿا وڃن، تڏهن هو بہ يوآب جي ڀاءُ ابي‌شيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ هليا ويا. پوءِ يوآب يروشلم ۾ موٽي آيو.


شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي بہ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ تي پنهنجي حفاظت لاءِ گڏ ٿيا ۽ پنهنجن دشمنن کان سک جو ساهہ کنيائون. هنن انهن نفرت ڪندڙن مان پنجهتر هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيو، پر ڦرلُٽ ڪين ڪيائون. چوڏهين تاريخ تي هنن اهو ڪم نہ ڪيو پر دعوتون ڪيائون ۽ خوشيون ملهايائون.


ائين مون کان نفرت رکندڙ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪن، ۽ سندن سزا هميشہ جي لاءِ قائم رهي.


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.


اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


اوهان جا دشمن جيڪي اوهان تي اچي حملو ڪندا، تن کي خداوند اوهان جي اڳيان شڪست ڏيندو. اهي هڪڙي رستي کان اوهان تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان اوهان جي اڳيان وٺي ڀڄندا.


خداوند، تنهنجو محافظ جيڪڏهن تو کي ڇڏي نہ ڏي ها، هائو، جيڪڏهن هو تو کي ٻين جي حوالي نہ ڪري ها، تہ پوءِ ڪيئن تنهنجي هڪ هزار جي پٺيان هڪڙو ڄڻو پوي ها، ۽ ڪيئن تنهنجي ڏهن هزارن کي ٻہ ڄڻا ڀڄائي ڪڍن ها؟


اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي ڀڄائي سگھي ٿو، ڇوجو خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.


هن اُتي هڪڙي گڏهہ جي تازي ڄاڙهہ پيل ڏٺي جيڪا جھپڙ ڏيئي کنيائين ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.


تڏهن بني اسرائيل جا ٻيا ماڻهو جيڪي نفتالي ۽ آشر قبيلن ۽ منسي قبيلي جي ٻنهي حصن مان هئا، تن کي گڏ ڪيو ويو ۽ پوءِ هو مديانين جي پٺيان ڪاهي پيا.


پوءِ يونتن پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان رڙهندو مٿي چڙهيو. سندس هٿياربردار بہ سندس پٺيان لڳو آيو. تڏهن يونتن حملو ڪري فلستين کي هيٺ ڪيرائيندو ويو ۽ سندس هٿياربردار سندس پٺيان هنن کي قتل ڪندو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan