Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 26:6 - Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 26:6
43 Iomraidhean Croise  

هن پٺ تي منهن ورائي انهن کي ڏٺو ۽ خداوند جو نالو وٺي کين پٽيائين. تڏهن ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون جن انهن ڇوڪرن مان ٻائيتاليهن ڄڻن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.


پر تو کي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو صلح پسند هوندو ۽ آءٌ کيس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏيندس. هن جو نالو سليمان هوندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بني اسرائيل کي امن ۽ سلامتي ڏيندس.


اهڙيءَ طرح يهوسفط جي بادشاهيءَ ۾ امن وَ امان ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ سندس خدا کيس هر طرف کان امن وَ سلامتي بخشي هئي.


تون زندگي آرام سان گذاريندين، ۽ ڪوبہ تو کي نہ ڊيڄاريندو، بلڪ گھڻا ئي تنهنجو راضپو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.


ڇاڪاڻ تہ اهي تو تي ڪو حملو ڪين ڪندا. جيڪا ٻني تون کيڙيندين سا پٿرن کان صاف هوندي.


شال اسان جا ڍور ڍڳا ٿلها متارا هجن! شال اسان جي شهرن جي ڪوٽن ۾ ڪو ڏار نہ هجي، جو ڪو دشمن ٽپي اچي اسان جو ڪو ماڻهو قيد ڪري وڃي! نڪي وري اسان جي گھٽين ۾ ڪا دانهن ڪوڪ هجي.


هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو.


شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.


جڏهن آءٌ ليٽي پيس تہ سڄي رات مون کي ننڊ وٺي ويئي. پوءِ وري آءٌ جاڳي اٿيس، ڇاڪاڻ تہ تو ئي منهنجي حفاظت ٿي ڪئي.


جڏهن بہ آءٌ ليٽان ٿو سلامتيءَ واري ننڊ ٿو ڪريان، ڇو تہ اي خداوند! تون ئي مون کي حفاظت سان ٿو رکين.


خداوند خدا جيڪا وراڻي ڏئي ٿو سا آءٌ ٻڌان ٿو. هو واعدو ٿو ڪري تہ پنهنجي قوم، پنهنجي چونڊيلن سان، سلامتيءَ واريون ڳالهيون ڪندو، شرط اهو آهي تہ اسين وري بي‌وقوفيءَ جو رستو نہ وٺون.


آءٌ انهن کي هڪڙي ئي سال ۾ اوهان کان پري نہ هٽائي ڇڏيندس، ڇو تہ متان زمين ويران ٿي پوي ۽ جھنگلي جانور وڌي وڃن ۽ اوهان کي ستائين.


اوهين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي ليٽي آرام ڪندا ۽ سڄي رات سمهي مٺي ننڊ ڪندا.


جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون.


اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


ڪوبہ شينهن يا ڪو ٻيو خونخوار جانور انهيءَ رستي جي ويجھو بہ نہ ايندو. جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي ئي انهيءَ رستي تان گذري سگھندا.


آءٌ ئي روشني ۽ اونداهي ٻنهي جو خالق آهيان. آءٌ ئي سلامتي ڏيندڙ ۽ مصيبت آڻيندڙ آهيان. آءٌ ئي خداوند اهي سڀ ڪم ڪندڙ آهيان.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.


تڏهن اهي مٺڙي ننڊ ڪندا ۽ تازا توانا ٿي اٿندا.“


يا فرض ڪر تہ آءٌ ڪنهن قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن خونخوار جھنگلي جانور موڪليان، جيڪي سندن ماڻهن کي چيري ڦاڙي سندن ملڪ ويران ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو انهن جانورن جي ڪري ڪوبہ انهيءَ ملڪ مان لنگھي نہ سگھي.


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بني اسرائيل منهنجيون رڍون ٻڪريون آهن ۽ آءٌ قسم کڻي ساڻن واعدو ٿو ڪريان تہ اهي پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا. آءٌ بيابان ۽ ٻيلي مان هر جھنگلي جانور کي ختم ڪري ڇڏيندس، سو منهنجيون اهي رڍون ٻڪريون بي‌خوف ٿي سلامتيءَ سان پيون رهنديون.


پوءِ وڻن ۾ ميوو ٿيندو ۽ ٻنين ۾ فصل ٿيندا. آءٌ بني اسرائيل کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ مان آزاد ڪندس ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا، تن جي هٿان کين ڇڏائي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهائيندس. تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اي يروشلم شهر! آءٌ تنهنجي رهاڪن کي مارڻ لاءِ ڏڪار ۽ جھنگلي جانور موڪليندس ۽ کين ناس ڪرڻ لاءِ تو ۾ وبا، خونريزي ۽ جنگ موڪليندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ ڏينهن آءٌ جھنگلي جانورن، پکين ۽ سرندڙ جيتن کي حڪم ڪندس تہ اهي منهنجي قوم کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائين. آءٌ سڄي اسرائيل ملڪ مان جنگ جا هٿيار نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، تيرڪمان توڙي تلوارون سڀيئي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم کي سندن ملڪ ۾ امن وَ امان سان رهڻ ڏيندس.


بيشڪ آءٌ تو سان اهو لاڳاپو هميشہ لاءِ جوڙيندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


”اوهين منهنجي قانونن ۽ حڪمن کي مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهندا تہ انهيءَ ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي گذاريندا.


زمين اوهان کي پنهنجي پيداوار پيئي ڏيندي ۽ اوهين ڍءُ ڪري پيا کائيندا ۽ امن وَ امان سان پيا زندگي گذاريندا.


آءٌ اوهان منجھہ خطرناڪ جھنگلي جانور موڪليندس، جيڪي اوهان جي ٻارن کي ماري ڇڏيندا، اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جو تعداد ايترو تہ گھٽائي ڇڏيندا جو اوهان جا رستا ويران ٿي ويندا.


ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.


تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.


اهي باقي بچيل بني اسرائيل بڇڙا ڪم نہ ڪندا، هو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندا، نہ وري هو ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪندا. هو سڪون سان کائيندا پيئندا ۽ ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.“


اهڙيءَ طرح هيءَ نئين هيڪل اڳئين هيڪل کان وڌيڪ شاندار نظر ايندي. هتي آءٌ پنهنجي قوم کي خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي بخشيندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.‘“


آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.


جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan