لاوي سرشتو 26:5 - Muslim Sindhi Bible5 اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا. Faic an caibideilSindhi Bible5 ۽ اوهان جي ان ڳاهڻ جو ڪم ڊاک چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو، ۽ ڊاک چونڊڻ جو ڪم ان پوکڻ تائين پيو هلندو: ۽ اوهين ماني ڍؤ ڪري کائيندا، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت پيا گذاريندا. Faic an caibideil |
ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.