Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 26:44 - Muslim Sindhi Bible

44 انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

44 انهي هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي آءٌ انهن کان نفرت ڪندس، نڪي کين بلڪل برباد ڪندس، ۽ نڪي انهن سان ڪيل پنهنجو عهد ڀڃندس: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 26:44
20 Iomraidhean Croise  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.


هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


پوءِ بہ تو پنهنجي وڏي رحم جي ڪري کين صفا نيست وَ نابود نہ ڪيو، نہ وري تو کين بلڪل ئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.


جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


تڏهن بہ آءٌ دائود تي ڪيل پنهنجي شفقت سندس اولاد تان ڪين هٽائيندس. هائو، آءٌ پنهنجي وفا کي باطل ٿيڻ ڪين ڏيندس.


اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين.


اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي. تون يروشلم شهر ۾ پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.


”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا يهوداہ جي انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن کي هنن چڱن انجيرن وانگر سمجھان ٿو، جن کي مون هن هنڌان ڪڍي بابل ڏانهن موڪليو آهي.


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


انهيءَ هوندي بہ مون کي پنهنجو اهو عهد ياد آهي، جيڪو مون تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تو سان ڪيو هو. آءٌ انهيءَ عهد کي هميشہ تائين قائم رکندس.


آءٌ پنهنجي مقدس خيمي ۾ اوهان منجھہ ئي رهندس ۽ اوهان کان ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس.


خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ


انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.


خداوند جو ملائڪ جِلجال مان بوڪيم ۾ آيو ۽ خداوند انهيءَ ملائڪ جي وسيلي بني اسرائيل کي چيو تہ ”مون اوهان کي مصر مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آندو آهي، جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. مون چيو هو تہ ’اوهان سان ٻڌل پنهنجو عهد ڪڏهن بہ نہ ٽوڙيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan