Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 26:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن تي هلندا ۽ منهنجا حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيڪڏهن اوهين منهنجن قانونن تي هلندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 26:3
19 Iomraidhean Croise  

پر جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ پوءِ جيڪي اوهان مان توڙي جو ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تي بہ جلاوطن ٿي ويا هوندا تہ آءٌ انهن کي اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جيڪو هنڌ مون پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘


مون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ آءٌ اوهان جي کاڌي پيتي ۾ برڪت وجھندس. آءٌ اوهان جي وچان بيماريون ڪڍي ڇڏيندس.


جيڪڏهن اوهين دل وَ جان سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا، تہ پوءِ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اپت کائيندا.


خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.


هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


پوءِ پنجين سال اوهين ڀلي انهيءَ جو ميوو کائجو. جيڪڏهن اوهين ائين ئي ڪندا تہ انهن وڻن جي پيداوار اوهان لاءِ وڌي ويندي. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اڳتي امن وَ سلامتيءَ سان پوک ڪئي ويندي، انگورن جون وليون پنهنجو ڦر جھلينديون، زمينن ۾ فصل ٿيندا ۽ آسمان مان برسات پوندي. آءٌ اوهان باقي بچيلن کي اهي سڀ شيون ورثي طور عطا ڪندس.


اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan