جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ هئس، اتي بني اسرائيل جي جن بہ رهبرن کي مون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبريءَ لاءِ مقرر پئي ڪيو، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ ڪڏهن ائين چيو اٿم ڇا تہ هنن منهنجي لاءِ ديال جي ڪاٺيءَ جو گھر ڇو نہ جوڙيو آهي؟‘
اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي. تون يروشلم شهر ۾ پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.
۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن کي ڇڏي ڏيندا، يا جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجي فيصلن کان نفرت ڪندي، جنهن سبب اوهين منهنجي سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيندا،
انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.