Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 26:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهين سڄو سال گڏ ڪري رکيل پراڻو اناج کائڻ کان پوءِ بہ باقي بچيل اناج، نئين اناج جي رکڻ جي جاءِ ڪرڻ لاءِ ڪڍي ٻاهر ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ اوهين گڏ ڪري رکيل پراڻو اَن کائيندا، ۽ نئين مال جي اچڻ ڪري پراڻو ڪڍي ٻاهر ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 26:10
5 Iomraidhean Croise  

پوءِ يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ کي وڌيڪ چيو تہ ”اي حزقياہ! تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي تہ هن سال جيڪو ڪجھہ پاڻيهي ڦٽندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال بہ اُهو ئي کائيندا جيڪو وري اُن مان پاڻيهي ڦٽي نڪرندو. پر ٽئين سال ۾ اوهين پاڻ پوکيندا، لڻندا، انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ پوءِ انهن جو ڦر کائيندا.


ايتري قدر جو اوهان جا ڳاهڻ وارا پِڙ اناج سان ڀرجي ويندا، ۽ حوض مئي ۽ زيتون جي تيل سان ٽمٽار ٿي اُٿلي پوندا.


پوءِ اوهين اٺين سال پوک ڪجو ۽ جيستائين زمين جي نئين پيداوار نہ ٿئي تيستائين اوهين اڳئين رکيل پيداوار پيا کائجو.“


سو هو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ’هاڻي ڇا ڪريان؟ مون وٽ تہ اها جاءِ ئي ڪانهي جتي کڻي پنهنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘


عيد فصح جي ٻئي ڏينهن تي هنن پهريون دفعو انهيءَ ملڪ ڪنعان جي پيداوار يعني ڀڳل جَوَ ۽ بي‌خميريون مانيون کاڌيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan