Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 24:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 24:9
17 Iomraidhean Croise  

مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.


”اوهان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مخصوص جاءِ ۾ وڃي کاڌي ڇو نہ؟ جڏهن تہ اها قرباني خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. خداوند اوهان کي ان جي ادا ڪرڻ بابت انهيءَ لاءِ فرمايو آهي تہ جيئن قوم جا گناهہ کڻي، سندس حضور ۾ اهڙيءَ طرح ڪفارو ادا ڪيو وڃي.


البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي.


هڪڙو ماڻهو جنهن جو پيءُ مصري هو پر سلوميت نالي سندس ماءُ بني اسرائيل جي دان قبيلي مان دبريءَ جي ڌيءَ هئي، سو بني اسرائيل منجھہ ويو. اتي خيمي‌گاهہ ۾ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ هن جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران هن لعنت ڪندي خداوند جي نالي تي ڪفر بڪيو. تڏهن ماڻهو هن کي موسيٰ وٽ وٺي آيا.


سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“


پوءِ هو پنهنجي اها خاص پوشاڪ لاهي ٻي پائي ۽ اتان اها رک کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪنهن پاڪ جاءِ تي وڃي رکي.


جيڪي انهيءَ مان باقي بچي سو هارون ۽ سندس پٽ خمير ملائڻ کان سواءِ مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي پچائي کائين.


”تون هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ ساڙڻ واري قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي، تہ ساڙڻ واري قرباني سڄي رات ويندي صبح تائين قربان‌گاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي ۽ قربان‌گاهہ تي باهہ ٻرندي رهي.


سڄيءَ قوم کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو آڻي گڏ ڪر.“


تڏهن موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجا پٽ هي گوشت خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ رڌيو. پوءِ اهو مخصوصيت واري قربانيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ اتي ئي ويهي کائو، جيئن مون خداوند جو حڪم ٻڌايو آهي تہ ’هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.‘


پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بي‌ادبي ٿا ڪريو تہ ’خداوند جي قربان‌گاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘


هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين نذراني وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.


هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ، جيڪي ڪاهنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ هئا، سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“


تڏهن ڪاهن کيس نذراني وارا اهي روٽ آڻي ڏنا، ڇاڪاڻ تہ هن وٽ خداوند لاءِ مخصوص انهن روٽن کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي. اهي روٽ نذراني وارن روٽن جي ميز تان اڳ ۾ ئي کنيا ويا هئا، تان‌تہ انهن جي جاءِ تي تازا روٽ رکيا وڃن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan