لاوي سرشتو 24:6 - Muslim Sindhi Bible6 پوءِ اهي مقدس جاءِ اندر مون خداوند جي حضور ۾ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٻن قطارن ۾ رکيا وڃن. هر هڪ قطار ۾ ڇهہ ڇهہ روٽ ٺاهي رکجن. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ تون اهي خداوند جي حضور ۾ پاڪ ميز تي ٻن قطارن ۾ رکج، هرهڪ قطار ۾ ڇهہ مانيون. Faic an caibideil |
نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.