Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 23:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو خداوند جو فسح آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 23:5
14 Iomraidhean Croise  

اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


هر سال پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين عيد فصح ملهائي وڃي. انهن ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائيندا تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


بي‌خميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي شاگردن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“


بي‌خميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“


بي‌خميري مانيءَ جي عيد جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري هئي.


جيئن تہ بني اسرائيل جِلجال ۾ منزل ڪيو ويٺا هئا، سو هنن اتي ئي يريحو شهر جي ميدان ۾ انهيءَ مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو عيد فصح ملهائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan