Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سڀيئي ڪاهن منهنجي انهن حڪمن تي عمل ڪن، انهيءَ لاءِ تہ متان انهن تي عمل نہ ڪرڻ سان انهن جي بي‌حرمتي ڪرڻ ڪري قصوروار ٿين ۽ مري پون. آءٌ خداوند آهيان جيڪو کين مخصوص ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 22:9
10 Iomraidhean Croise  

جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“


تڏهن هو اهو لوبان اتي مون خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجھي، ايتري قدر جو لوبان جو دونهون عهد واري صندوق تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ هو مري نہ پوي.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


تنهنڪري اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو ۽ انهن مڪروهہ رسمن تي عمل نہ ڪجو جيڪي اوهان کان اڳي ادا ڪيون وينديون هيون. اوهين پاڻ کي انهن جي ڪري پليت نہ ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


اڳتي ٻيا بني اسرائيل مون سان ملاقات واري خيمي جي ويجھو نہ اچن، نہ تہ پاڻ تي گناهہ کڻي انهيءَ جي سزا ۾ مري ويندا.


جڏهن اوهين انهيءَ مان بهترين حصو مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندءُ تہ اوهان تي ڪوبہ گناهہ نہ ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي مخصوص نذرانن مان اهو حصو پاڻ کڻي انهن نذرانن کي ناپاڪ ڪندا تہ اوهين مري ويندا.‘“


اي انڌؤ! اي بي‌وقوفؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پاڪ ڪيو؟


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan