Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 22:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهن شين مان ڪجهہ بہ نہ کائي: ڪاهن وٽ رهندڙ مسافر يا ڪو مزور بہ، انهن پاڪ شين مان نہ کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 22:10
11 Iomraidhean Croise  

يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


باقي ڪوبہ ڌاريو، توڙي اوهان جو پگھاردار نوڪر ئي ڇو نہ هجي سو اها اصل نہ کائي.


کين مقرر ۽ مخصوص ڪرڻ لاءِ جن شين سان ڪفارو ڏنو وڃي، سي بہ هو کائين. پر ڪو ٻيو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇاڪاڻ تہ اهي مخصوص آهن.


اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي.


البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي.


پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“


هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين نذراني وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.


تڏهن ڪاهن کيس نذراني وارا اهي روٽ آڻي ڏنا، ڇاڪاڻ تہ هن وٽ خداوند لاءِ مخصوص انهن روٽن کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي. اهي روٽ نذراني وارن روٽن جي ميز تان اڳ ۾ ئي کنيا ويا هئا، تان‌تہ انهن جي جاءِ تي تازا روٽ رکيا وڃن.


ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادت‌گاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan