Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 21:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڪوبہ ڪاهن پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجو مٿو هِتان هُتان نہ ڪوڙائي، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙي ۽ نہ وري پنهنجي جسم کي زخم رسائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هو پنهنجو مٿو نہ ڪوڙائين، نڪي هو پنهنجي ڏاڙهيءَ جي ڪنڊ ڪوڙائين، نڪي پنهنجي بت تي وڍ وجهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 21:5
12 Iomraidhean Croise  

سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو.


موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو.


ڪاهن نڪي پنهنجا مٿا ڪُوڙائين ۽ نہ ئي وري وارن کي وڏو ٿيڻ ڏين، بلڪ هو پنهنجي مٿي جي وارن کي رڳو ڪترائين.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي تکي تلوار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگر انهيءَ سان پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪوڙ. پوءِ انهن وارن کي تارازيءَ ۾ توري ٽي حصا ڪر.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.


هو پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪري پاڻ کي ناپاڪ ڪري پنهنجي بي‌حرمتي نہ ڪري.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


اي يروشلم جي پياري وسندي! جيئن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڳجھہ وانگر بلڪل گنجا ٿين ٿا، تيئن تون بہ پنهنجي ملڪ جي رهاڪن لاءِ روڄ راڙو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کان کسي جلاوطن ڪيا ويندا.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan