Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 21:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ هو ڪنهن بہ مردي جي ويجهو نہ وڃي، نڪي پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 21:11
11 Iomraidhean Croise  

”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهندو سو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


توڙي جو هن جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا ڀيڻ مري، تہ بہ هو پاڻ کي موت جي رسمن ۾ ناپاڪ نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند لاءِ وقف هجڻ جي نشاني سندس مٿي تي آهي.


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


هنن رڳو تنهنجي ئي ڳالهين تي عمل ڪيو، ۽ تنهنجي عهد کي قائم رکيائون. ايتري قدر جو پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيائون تہ ’اسين هنن جو سانگو نہ ٿا ڪريون،‘ هنن پنهنجي ٻارن کي بہ نہ سڃاتو، نڪي پنهنجي ڀائرن ڀينرن کي ئي پنهنجو ڪيائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan