Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 2:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنور ۾ پڪل اناج جي قرباني پيش ڪري تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جون بي‌خميريون مانيون هجن يا تيل مکيل بي‌خميرا ڍوڍا هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ جيڪڏهن تون تنور ۾ پڪل کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تہ اهي تيل ۾ ڳوهيل فطيري نان هجن، يا تيل مکيل فطيري ڍوڍا هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 2:4
21 Iomraidhean Croise  

آءٌ پاڻيءَ وانگر هارجان پيو. منهنجيون هڏيون جوڙن کان نڪري پيون آهن، ۽ منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي سيني ۾ رجندي ٿي وڃي.


انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.


بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو ”مَنَ“ رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي ۽ اڇي هئي ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان ٺاهيل بسڪوٽن جهڙو هو.


بي‌خميري ماني، تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميرا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون، اهي سڀ ميدي مان ٺهرائج.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“


انهيءَ کي هو قربان‌گاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.


انهيءَ ۾ خمير گڏي نہ پچايو وڃي. مون پنهنجين ساڙيون ويندڙ قربانين مان بچائي اهو سندن حصي طور کين ڏنو آهي ۽ اهو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وانگر مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


جيڪڏهن هو اها قرباني شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري تہ جانور ذبح ڪرڻ سان گڏ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميري مانيون، تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون ۽ تيل ۾ ڳوهي پچايل ڍوڍا پيش ڪري.


سندن اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ وارين قربانين سميت هي شيون بہ قربانيءَ طور پيش ڪري: بي‌خميري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون.


سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“


پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.


بيشڪ جنهن کي خدا موڪليو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس پنهنجو روح بي‌حساب عطا ڪري ٿو.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ هر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ کان پري اڇلايو.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو گناهہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan