Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 2:3
17 Iomraidhean Croise  

يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري.


اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين تون ڪفارو ڏيندو رهج ۽ قربان‌گاهہ کي مخصوص ڪندو رهج، تہ قربان‌گاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿي ويندي. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو قربان‌گاهہ کي ڇهي يا جيڪا بہ شيءِ ان تي استعمال ڪئي وڃي سا ضرور مخصوص ٿيل هجي.“


سندن خوراڪ لاءِ کين اناج جي قربانين، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين مان حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ بني اسرائيل ۾ جيڪي بہ شيون مون لاءِ وقف ڪيون وينديون سي هنن جون ٿينديون.


انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“


ساڙيون ويندڙ قربانين جي چرٻيءَ ساڙڻ وقت اها ران ۽ اهو سينو آندا وڃن، تہ جيئن اهي خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن. اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق ٿيندو، جيئن خداوند فرمايو آهي.“


پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي سو ڪاهنن جو ٿيندو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو منهنجي لاءِ ئي ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي.


البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي.


اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“


جيڪو ڪاهن اها قرباني پيش ڪري ٿو سو اها مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي کائي.


”تون هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ ساڙڻ واري قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي، تہ ساڙڻ واري قرباني سڄي رات ويندي صبح تائين قربان‌گاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي ۽ قربان‌گاهہ تي باهہ ٻرندي رهي.


پاڪ ٿيڻ واسطي ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين جو قاعدو هڪڙو ئي آهي، جو هي آهي تہ جيڪو ڪاهن انهيءَ قربانيءَ سان ڪفارو ادا ڪري ٿو تنهن کي ئي انهيءَ جو گوشت ملي.


سڀڪا اناج جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تئي تي پڪل هوندي يا وري تئيءَ ۾ تريل هوندي، سا انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو اها قرباني پيش ڪندو.


جيڪو حصو مون لاءِ ئي مخصوص قربانين مان قربان‌گاهہ تي نہ سڙيو هجي سو اوهان جو ٿيندو، يعني اهي سموريون مون لاءِ ئي مخصوص قربانيون جيڪي هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، چاهي اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني هجي، تن مان اهو حصو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو ٿيندو.


ڇا بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، پنهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت لاءِ، لوبان ساڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي حضور ۾ مذهبي وڳو پهرڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو هو؟ ڇا بني اسرائيل جون سموريون ساڙيون ويندڙ قربانيون مون تنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي کي نہ ڏنيون هيون؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan