Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪا بہ اناج جي قرباني پيش ڪريو، تنهن ۾ لوڻ ضرور وجھجو، بلڪ اوهين پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪجو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ اوهان جي ۽ مون خداوند جي وچ واري عهد کي ظاهر ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 2:13
8 Iomraidhean Croise  

ڇا اوهان کي خبر نہ آهي تہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا دائود ۽ سندس اولاد کي سڄي بني اسرائيل جي بادشاهت اڻٽٽ عهد سان هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏي آهي؟


اوهين ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي، ڏهہ هزار ڪلوگرام ڪڻڪ، ٻہ هزار ليٽر مئي ۽ ٻہ هزار ليٽر زيتون جو تيل ۽ بي‌انداز لوڻ ڏجو.


پوءِ انهن کي لوڻ جي رائي ڏيئي، ڪاريگر عطار وانگر انهن مان خوشبودار، صاف ۽ پاڪ لوبان بڻايو وڃي.


جڏهن اهي جانور منهنجي حضور ۾ ذبح ڪيا وڃن تڏهن ڪاهن انهن تي لوڻ ڇٽين ۽ پوءِ اهي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪن.


مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“


”اوهين انسانذات لاءِ لوڻ مثل آهيو. پر جيڪڏهن لوڻ پنهنجي لوڻياٺ ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري لوڻياٺو بڻائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آهي. اهو بيڪار ٿي پوندو، تنهنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙيو ويندو.


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan