Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پهرئين پيداوار مان اهڙيون قربانيون ڀلي مون خداوند جي آڏو پيش ڪجن، مگر اهي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيون نہ وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 2:12
15 Iomraidhean Croise  

اهڙيءَ طرح عِفرون جي اها ٻني جيڪا مڪفيلاہ ۾ ممريءَ جي اوڀر طرف هئي سا ابراهيم جي ٿي. غار جيڪا منجھس هئي ۽ اهي سمورا وڻ جيڪي انهيءَ جي حد اندر هئا سي شامل هئا.


انهيءَ حڪم جي جاري ٿيڻ سان ئي يروشلم جي ڪيترن ئي پنهنجي اناج، مئي، زيتون جي تيل، ماکيءَ ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيداوار مان پهريتي پيداوار جو ڏهون حصو گھڻي انداز ۾ آڻي ڏنو.


اوهين پنهنجي فصل ۽ ميون جي رس مان مون کي نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪجو. اوهين پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏجو.


اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“


اوهين ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت لاباري جي عيد ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تنبن واري عيد ملهائجو.


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.


اوهين پنهنجن گھرن مان ٻہ ٻہ روٽ هٿن تي بلند ڪرڻ لاءِ آڻجو. هر هڪ روٽ ٻہ ٻہ ڪلوگرام ميدي جو ۽ خمير گڏي پچايل هجي، انهيءَ لاءِ تہ مون خداوند جي لاءِ اها پهرين پيداوار جي قرباني ٿئي.


انهيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ هو خميري مانيءَ جا ڍوڍا بہ پيش ڪري.


اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو.


زيتون جي تيل، مئي ۽ اناج مان سڀ کان بهترين يعني پهرين پيداوار بني اسرائيل مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا آهن سا آءٌ تو کي ڏيان ٿو.


پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.


سو ڏس، اي خداوند! جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي تنهن جو پهريون ڦل مون تو وٽ آندو آهي.‘ پوءِ اها ٽوڪري کڻي وري اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي آڏو رکي خداوند کي سجدو ڪجو.


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan