لاوي سرشتو 2:1 - Muslim Sindhi Bible1 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو اناج جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جي قرباني ميدي جي صورت ۾ هئڻ گھرجي. هو انهيءَ تي تيل پئٽي ۽ مٿس لوبان رکي. Faic an caibideilSindhi Bible1 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي: Faic an caibideil |
انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها جاءِ آهي، جتي ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جو گوشت رنڌيندا ۽ اناج جي قربانين مان مانيون پچائيندا. اها جاءِ هتي انهيءَ ڪري آهي تہ جيئن ڪابہ پاڪ شيءِ ٻاهرين اڱڻ تائين نہ کڻي وڃجي، متان انهيءَ جي ڪري عام ماڻهن تي خداوند جو غضب نازل ٿئي.“
هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر زيتون جي تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور ۽ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور هر هڪ گھيٽي سان گڏ پيش ڪجو. اوتڻ واري قرباني مون خداوند جي حضور ۾ مخصوص جاءِ ۾ پئٽجو. اها دستوري ساڙڻ واري قرباني آهي جيڪا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.“
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.