Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 19:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اوهين منهنجو نالو وٺي ڪوڙو قسم نہ کڻجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 19:12
19 Iomraidhean Croise  

انهن جي نظر ۾ ڪميڻا ماڻهو حقارت جي لائق آهن، پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا تن جي هو عزت ٿا ڪن. اهي جڏهن بہ قسم کڻن ٿا، تڏهن نقصان هوندي بہ انهيءَ کان نہ ٿا ڦرن.


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


اي اوهين! جيڪي بني اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي قبيلي مان آهيو. اوهين فخر ڪندي چئو ٿا تہ ”اسين پاڪ شهر يروشلم جا رهاڪو آهيون، ۽ بني اسرائيل جي خدا، قادرِمطلق خداوند تي ڀروسو ٿا رکون.“ هاڻ جيتوڻيڪ اوهين خداوند جي نالي جو قسم کڻو ٿا، ۽ بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ جي دعويٰ ٿا ڪريو، تہ بہ ڏسو، اوهين رياڪار آهيو ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهايو. اي يعقوب جا گھراڻؤ! ٻڌو.


پر هاڻ اوهين وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ڪئي اٿوَ. اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي آزاد ڪيل ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي وري موٽائي آندو آهي. سو جيڪي ٻانها ۽ ٻانهيون پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ٿيڻ لاءِ آزاد ٿيا هئا تن کي اوهان وري غلام بڻجڻ تي مجبور ڪيو آهي.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي ڪئي اٿائين.


يا سندس ڪا گم ٿيل شيءِ لهي ۽ پوءِ نہ مڃي ۽ ڪوڙو قسم بہ کڻي، تہ پوءِ هو انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهہ ڪرڻ جي ڪري بہ گنهگار ٿيندو.


تڏهن هن مون کي سمجھايو تہ ”انهيءَ ويڙهوٽي ۾ لعنت لکيل آهي، جيڪا بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ واري آهي. ان ويڙهوٽي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي تہ هر چور کي تڙي ڪڍيو ويندو، جڏهن تہ ان جي ٻئي پاسي تي لکيل آهي تہ ڪوڙ تي قسم کڻڻ وارو هر هڪ ماڻهو تڙيو ويندو.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوهان کي ”هائو“ جي جاءِ تي رڳو ”هائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي رڳو ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوهين گمراهہ ٿي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو سبب نہ بڻجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan