لاوي سرشتو 19:10 - Muslim Sindhi Bible10 اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. Faic an caibideilSindhi Bible10 ۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. Faic an caibideil |
جڏهن بہ ڪي ڌاڙيل يا رات جو ڪي چور ڪنهن گھر ۾ گھڙي اچن، تہ اهي رڳو اوترو ئي کڻي ويندا جيترو کين هٿ اچي سگھي، يا جڏهن انگورن جو چونڊو ڪندڙ باغ مان چونڊو ڪري وڃن تہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪجھہ ڇڳا ول ۾ رهجي وڃن. پر اي ادوم جي قوم! تنهنجا دشمن تو سان ائين سلوڪ نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي تو کي پوريءَ طرح نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.