Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 18:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 نڪي تون پنهنجي ڀيڻ جو، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجيءَ ماءُ جي ڌيءَ جو ننگ کولج، پوءِ اها گهر ۾ ڄائي هجي، يا ڪٿي ٻاهر ڄائي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 18:9
6 Iomraidhean Croise  

ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين.


اوهان پنهنجي پوٽيءَ يا ڏوهٽيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي عزت خود اوهان جي عزت آهي.


اوهان پنهنجي ماٽيليءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها پڻ اوهان جي ڀيڻ آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ ڀيڻ يعني پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan