لاوي سرشتو 18:5 - Muslim Sindhi Bible5 اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان. Faic an caibideilSindhi Bible5 تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان. Faic an caibideil |
پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تانتہ اهي چٽ ٿي وڃن.
پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.