لاوي سرشتو 17:7 - Muslim Sindhi Bible7 اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بيوفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘ Faic an caibideilSindhi Bible7 ۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟