لاوي سرشتو 17:4 - Muslim Sindhi Bible4 يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو. Faic an caibideilSindhi Bible4 ۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو: Faic an caibideil |
خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بيخميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.
سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.