Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 17:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر جيڪڏهن هو نڪي ڪپڙا ڌوئيندو ۽ نہ وهنجندو، تہ پوءِ انهيءَ جو نتيجو پاڻ ڀوڳيندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 پر جي هو اهي نہ ڌوئندو ۽ نہ وهنجندو، تہ هو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 17:16
11 Iomraidhean Croise  

”جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو گناهہ ڪري ٿو جو جڏهن شاهدي ڏيڻ وقت کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجائين سو نہ ٻڌائي تہ انهيءَ جو ڏوهہ مٿس پوندو.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


پطرس چيس تہ ”آءٌ پنهنجا پير اوهان کان ڪڏهن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏهن تون پنهنجا پير مون کان نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنهنجو مون سان ڪوبہ واسطو نہ رهندو.“


هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.


جيڪو بہ اهو کائيندو سو پنهنجي سر تي گناهہ کڻندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ جي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن انهيءَ گوشت مان ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ کائبو تہ اها قرباني قبول نہ پوندي، نڪي انهيءَ جو اجورو قرباني ڏيڻ واري کي ملندو، ڇو تہ اهو گوشت حرام آهي ۽ جيڪو انهيءَ مان کائيندو تنهن جو گناهہ انهيءَ جي مٿان پوندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan