Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 16:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن هارون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي کي آڻي، پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفاري لاءِ انهيءَ کي ذبح ڪري،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پوءِ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي کي حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو ذبح ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 16:11
6 Iomraidhean Croise  

هارون مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن طرح تياري ڪري جو پاڻ سان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو عبادت‌گاهہ وٽ آڻي.


مقدس ترين جاءِ، قربان‌گاهہ، بلڪ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي ۽ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري.


پوءِ هارون پنهنجي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور وهڙو پيش ڪري تہ جيئن پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃ ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ڪر ۽ پنهنجي لاءِ ڪفارو ادا ڪر. پوءِ تون امت واسطي بہ قربانيون پيش ڪر ۽ انهيءَ لاءِ ڪفارو ادا ڪر، جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي.“


ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.


پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan