Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 16:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر جنهن ٻڪر لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو پُکو نڪري، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ بيابان ۾ هڪليو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 پر جنهن ٻڪر تي عزازيل جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي، ۽ پوءِ عزازيل جي لاءِ بيابان ۾ ڇڏيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 16:10
12 Iomraidhean Croise  

اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي.


هارون انهن ٻنهي ٻڪرن لاءِ پُکا وجھي، هڪڙو پُکو ’خداوند جي لاءِ‘ ۽ ٻيو ’ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ.‘


جنهن ٻڪر لاءِ مون خداوند جي نالي جو پُکو نڪري تنهن کي هارون پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري.


خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan