لاوي سرشتو 15:8 - Muslim Sindhi Bible8 جيڪڏهن جريان وارو ماڻهو ڪنهن پاڪ ماڻهوءَ تي ٿڪ اڇلائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. Faic an caibideilSindhi Bible8 ۽ جيڪڏهن پرميل وارو ماڻهو، ڪنهن پاڪ ماڻهو تي ٿُڪ اُڇلائيندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. Faic an caibideil |
جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.