لاوي سرشتو 15:6 - Muslim Sindhi Bible6 يا انهيءَ شيءِ تي ويهندو جنهن تي جريان وارو ويٺو هو، تہ اهڙو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ جنهن شيءِ تي پرميل وارو ماڻهو ويٺو هجي، تنهن تي جيڪو ويهندو سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو. Faic an caibideil |
جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.