Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 15:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪو ماڻهو انهيءَ جي پلنگ کي ڇهندو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 جيڪو هن جي هنڌ کي هٿ لائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 15:5
31 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.


مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.


سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيو.


تڏهن قادرِمطلق خداوند پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي مون کي فرمايو تہ ”يقيناً جيستائين هي جيئرا آهن، تيستائين هنن جون اهي بڇڙايون هرگز معاف نہ ڪيون وينديون. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان کي هر قسم جي پليتيءَ کان پري رکندس. آءٌ اناج کي حڪم ڪندس تہ اهو اوهان جي ٻنين ۾ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان ۾ وري ڪڏهن ڏڪار نہ پوي.


جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي.


ستين ڏينهن وري ڪاهن انهيءَ مَلي واري ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن سندس مَلو چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي ۽ نڪي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.


ستين ڏينهن وري ٻيهر ڪاهن هن کي چڪاسي، جيڪڏهن اهو داغ ٿورو جھڪو ٿيو هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي، جو اها رڳو ڏڍ آهي. سو اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.


پوءِ هو انهيءَ تيل مان ڪجھہ، پنهنجي ساڄيءَ آڱر سان ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڇٽڪاري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت سان هم‌بستر ٿيو هجي ۽ انزال ڪيو هجائين تہ ٻيئي وهنجن. ان هوندي بہ ٻئي شام تائين ناپاڪ رهندا.


جنهن پلنگ تي هو سمهندو يا جنهن شيءِ تي ويهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.


يا انهيءَ شيءِ تي ويهندو جنهن تي جريان وارو ويٺو هو، تہ اهڙو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪو ماڻهو ڇڏي ڏيڻ واري ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي اچي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿئي.


جيڪو ماڻهو انهن کي ساڙي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿئي.“


بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو.


جنهن انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪئي هجي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، پر تنهن هوندي بہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. هي بني اسرائيل جي لاءِ ۽ جيڪي ڌاريا منجھن رهندا هجن، تن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.“


ناپاڪ ماڻهو جنهن بہ شيءِ کي ڇهندو سا ناپاڪ ٿيندي ۽ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ناپاڪ ٿيل شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.“


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


سائول انهيءَ ڏينهن ڪجھہ ڪين ڪڇيو، ڇاڪاڻ تہ هن سمجھيو تہ دائود ڪنهن سبب ناپاڪ ٿي پيو هوندو، تنهنڪري ڪونہ آيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan