Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 15:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي جريان جي بيماري آهي تہ اهو جريان ناپاڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پرميل جو مرض ٿئي، تہ هو انهي جي ڪري ناپاڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 15:2
15 Iomraidhean Croise  

ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


هن بني يعقوب لاءِ پنهنجا قاعدا مقرر ڪيا آهن، هائو، بني اسرائيل ۾ پنهنجي شريعت قائم ڪئي اٿائين. هن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون پنهنجي اولاد کي سيکارجو،


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي


ڪنهن ماڻهوءَ جي مرداڻي عضوي مان گند وهندو هجي يا ان جي ڪري سندس نيڪال جي نالي بند ٿي ويئي هجي تڏهن بہ هو ناپاڪ آهي.


هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي،


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.


”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين.


هلندي هلندي هڪڙي عورت، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن عيسيٰ جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو.


انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو.


انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan