Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 15:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو جا جريان واري جي هيٺان پيئي هئي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي کڻندو تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 15:10
8 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


جيڪو بہ ماڻهو چئن پيرن وارن جانورن مان هنن جانورن جي مڙهن کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي سڀ جانور جن جا کُر چيريل نہ آهن يا جيڪي نہ ٿا اوڳارين ۽ اهي سڀيئي جانور جيڪي پنهنجن چنبن تي هلن ٿا. اهي سڀ اوهان جي لاءِ حرام آهن. جيڪو بہ انهن جي مڙهن کي کڻندو سو ضرور پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جريان وارو ماڻهو پنهنجا هٿ ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿ لائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.


جيڪو ماڻهو انهيءَ جي پلنگ کي ڇهندو،


جيڪڏهن جريان وارو ماڻهو ڪنهن پاڪ ماڻهوءَ تي ٿڪ اڇلائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


سواريءَ دوران جنهن بہ شيءِ تي جريان وارو ويهي ٿو سا ناپاڪ ٿيندي.


ناپاڪ ماڻهو جنهن بہ شيءِ کي ڇهندو سا ناپاڪ ٿيندي ۽ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ناپاڪ ٿيل شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.“


خدا جي ويجھو وڃو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو. اي ٻِہ‌دليؤ! پنهنجين دلين کي مخصوص ۽ پاڪ ڪريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan