Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ ٻہ جيئرا حلال پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آندي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تہ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ اهي ٻہ جيئرا حلال پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، ۽ زوفا آڻين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 14:4
11 Iomraidhean Croise  

مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


انهيءَ جو رت ٿالهہ ۾ رکي اوهين زوفا ٻوٽي جو هڪڙو ڇڳو انهيءَ رت مان ٻوڙي پنهنجي پنهنجي ٻاهرين در جي ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائجو. پوءِ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گھر جي در کان ٻاهر نہ نڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند لاءِ ساڙڻ جي قرباني پکين مان ڪري، تہ هو ڳيري يا ڪبوتر جي قرباني پيش ڪري.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهن مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪيو وڃي.


تڏهن ڪاهن باقي بچيل جيئري پکيءَ کي کڻي، انهيءَ کي چندن جي ڪاٺيءَ، لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي ۽ زوفا جي ٽاريءَ سميت انهيءَ پکيءَ جي رت ۾ ٻوڙي جيڪو پاڻيءَ جي مٿان ذبح ڪيو ويو هو.


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.


ڪاهن چندن جي ڪاٺي، زوفا جي ٽاري ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ جي وچ تي اڇلائي.


هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan