Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 14:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڪاهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وڃي انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض ڇڏي ويو هجي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ڪاهن منزلگاهہ مان نڪري ٻاهر وڃي؛ ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن ڪوڙهہ جو مرض ڪوڙهئي مان نڪري ويو هجي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 14:3
14 Iomraidhean Croise  

سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.


انهيءَ ڇوڪريءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سانئڻ کي چيو تہ ”جيڪڏهن منهنجو مالڪ سامريہ ۾ رهندڙ نبيءَ سان وڃي ملي تہ هو کيس بيماريءَ مان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سگھي ٿو!“


هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي سوڄ، ڏڍ يا ڪو اڇو چمڪندڙ داغ ٿئي ۽ اهو وڌي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض معلوم ٿئي، تہ پوءِ انهيءَ معاملي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي.


جيترا ڏينهن هن کي اهو مرض هوندو اوترا ڏينهن هو ناپاڪ ئي رهندو. سو هو اڪيلو رهي ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هجي.“


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي.


بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


ساڳيءَ طرح اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ شفا ڪانہ ڏني ويئي، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي شفاياب ڪيو ويو.“


سو عيسيٰ انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan