Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 13:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ستين ڏينهن وري ٻيهر ڪاهن هن کي چڪاسي، جيڪڏهن اهو داغ ٿورو جھڪو ٿيو هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي، جو اها رڳو ڏڍ آهي. سو اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ وري ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ٿورو جهڪو ٿيو هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي ماڻهوءَ کي پاڪ ٺهرائي: اها ڏڍ آهي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 13:6
23 Iomraidhean Croise  

تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم ڏکايل دل سان دعا يا دانهن ڪري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي،


تڏهن عرش عظيم ۾ هنن جي دعا ٻڌي سندن عرض اگھائج ۽ کين سوڀ ڏج.


اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


اهو ڪير آهي جيڪو پنهنجو پاڻ چئي تہ ”مون پنهنجيءَ دل کي پاڪ صاف رکي پاڻ کي گناهن کان آجو ڪيو آهي.“


تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪوبہ سچار ماڻهو ڪونهي جيڪو رڳو نيڪي ئي نيڪي ڪندو رهي ۽ ڪا خطا نہ ٿي هجيس.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ نہ ڀڃندو، نڪي اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو، بلڪ هو سڀني کي ديانتداريءَ سان فوري انصاف مهيا ڪندو.


جيڪو انهيءَ مئل جانور مان ڪجھہ کائي يا جيڪو انهيءَ جي مڙهہ کي کڻي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ڇڏي، پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.


”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي سوڄ، ڏڍ يا ڪو اڇو چمڪندڙ داغ ٿئي ۽ اهو وڌي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض معلوم ٿئي، تہ پوءِ انهيءَ معاملي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي.


ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي. جيڪڏهن سندس نظر ۾ اهو مرض هڪڙي ئي هنڌ بيٺل هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ کي وري ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.


پر جيڪڏهن ڪاهن جي ڏسڻ ۽ پاڪ قرار ڏيڻ کان پوءِ اها ڏڍ چمڙيءَ تي پکڙجي وڃي تہ پوءِ هن کي وري بہ ڪاهن وٽ ڏيکارڻ لاءِ آندو وڃي.


ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيمي‌گاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي.


جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو.


اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


پر اوهان سدائين ساڻس بڇڙي هلت ڪئي آهي، سو انهيءَ بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين سندس قوم هئڻ لائق ناهيو، هائو، اوهين پورو نسل گمراهہ ۽ ڏنگا آهيو.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan