Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 13:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن هن جي جسم جي چمڙيءَ تي اهو اڇو چمڪندڙ داغ هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي ۽ انهيءَ جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 13:4
14 Iomraidhean Croise  

خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”لاوين کي ئي منهنجي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻي آهي. پر ڪي لاوي مون کي ڇڏي ٻين بني اسرائيل وارن سان گڏجي گمراهہ ٿي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، تن لاوين کي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي سزا ضرور ڏيندس.


تہ پوءِ انهيءَ جي جسم جي چمڙيءَ ۾ اهو پراڻو وچڙندڙ مرض آهي. سو ڪاهن هن کي ناپاڪ قرار ڏئي. کيس بند ڪري نہ ويهاري، ڇاڪاڻ تہ هن جي ناپاڪي ظاهر ٿي ويئي آهي.


تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي تہ اهو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو انهيءَ داغ ۾ پيدا ٿيو آهي، سو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.


پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا آهن ۽ اهو داغ چمڙيءَ کان اونهو نہ آهي بلڪ جھڪو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.


اهو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي ٿيل مرض کي چڪاسي. جيڪڏهن مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ پوءِ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي ۽ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.


پر جيڪڏهن ڪاهن کي مَلي جو اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي پر انهيءَ ۾ وار بہ ڪارا نہ هجن، تہ پوءِ ڪاهن مَلي واري مريض کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.


ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي. جيڪڏهن سندس نظر ۾ اهو مرض هڪڙي ئي هنڌ بيٺل هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ کي وري ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.


ڪاهن انهيءَ داغ کي چڪاسي ڏسي ۽ جنهن شيءِ تي اهو داغ آهي تنهن کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري رکي.


تہ پوءِ ڪاهن گھر مان ٻاهر نڪري اچي ۽ انهيءَ گھر کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏي.


خداوند موسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن هن جو پيءُ هن جي منهن تي رڳو ٿڪ ئي اڇلائي ها تہ ڇا هوءَ ستن ڏينهن تائين خوار نہ رهي ها؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.“


سو مريم ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهي. جيستائين مريم موٽي اندر نہ آئي تيستائين ماڻهو اتان روانا ڪونہ ٿيا.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


جڏهن اوهين ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌو تڏهن انهيءَ جي تحقيقات ۽ جاچ ڪجو ۽ چڱيءَ طرح پڇا‌ڳاڇا ڪجو. جيڪڏهن اها سچي ۽ يقيني ڳالهہ هجي تہ اوهان جي وچ ۾ ڪو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي،


هيءَ ڳالهہ ياد رک تہ ڪن ماڻهن جا گناهہ سندن عدالت ۾ پهچڻ کان اڳي ئي صاف ظاهر ٿا ٿين، پر ڪن جا گناهہ بعد ۾ ظاهر ٿيو پون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan