Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 13:21 - Muslim Sindhi Bible

21 پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ انهيءَ هنڌ جا وار اڇا نہ ٿيا آهن ۽ اهو هنڌ چمڙيءَ کان اونهو بہ نہ آهي بلڪ داغ جھڪو ٿي ويو آهي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي هنڌ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو بہ نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 13:21
4 Iomraidhean Croise  

ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو هنڌ چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهيءَ هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي. اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي.


پوءِ جيڪڏهن اهو داغ چمڙيءَ تي پکڙجي وڃي، تہ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.


پر جيڪڏهن هن جي جسم جي چمڙيءَ تي اهو اڇو چمڪندڙ داغ هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي ۽ انهيءَ جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس جسماني خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس روح خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan