Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 12:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اٺين ڏينهن ڇوڪر جو طهر ڪيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 12:3
15 Iomraidhean Croise  

اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.


ان کان پوءِ اها خون کان پاڪ ٿيڻ تائين وڌيڪ ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي. جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين تيستائين ڪنهن بہ مخصوص شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ اچي.


ڪنهن ماڻهوءَ جي مرداڻي عضوي مان گند وهندو هجي يا ان جي ڪري سندس نيڪال جي نالي بند ٿي ويئي هجي تڏهن بہ هو ناپاڪ آهي.


جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي طهر جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پيءُ جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي.


اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي طهر جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو هو.


ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ مسيح تي ايمان رکندڙن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي شريعت موجب طهر نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي ڇوٽڪارو ملي نہ سگھندو.“


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن عهد جي خدا پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي شريعت، جيڪا چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آئي، سا ڪوڙو ڪري نہ ٿي سگھي، نہ تہ خدا جو واعدو بيڪار ٿي وڃي ها.


آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


اهو انهيءَ لاءِ آهي جو دستور موجب اٺين ڏينهن تي منهنجو طهر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل قوم جو آهيان، آءٌ انهيءَ جي بنيامين قبيلي مان آهيان، آءٌ عبرانين ۾ پڪو عبراني آهيان ۽ شريعت تي عمل جي لحاظ کان آءٌ ڪنهن وقت يهودين جي ڪٽر فرقي فريسيءَ مان هئس.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan