Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪا عورت پيٽ سان ٿئي ۽ پٽ ڄڻي تہ اها ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪڏهن ڪا زال حاملہ ٿئي، ۽ پٽ ڄڻي، تہ اها ست ڏينهن ناپاڪ رهندي، جهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ ناپاڪ رهندي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 12:2
14 Iomraidhean Croise  

کين برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو ۽ ڌرتيءَ کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو، مڇين تي، پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪمراني ڪريو.


خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“


تڏهن دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ کي گھرايو. هوءَ تازو ئي ماهواريءَ کان پاڪ ٿي هئي. جڏهن هوءَ وٽس آئي تہ هو ساڻس سمهيو. تنهن بعد هوءَ پنهنجي گھر هلي ويئي.


جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟


انسان آهي ڇا جو پاڪ ٿي سگھي؟ هائو، ڇا فاني انسان ڪو سچار ٿي سگھي ٿو؟


تہ پوءِ ڪو انسان ڪيئن ٿو پاڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري سگھي؟ ڇا ڪو خدا جي نظر ۾ سچار ۽ پاڪ آهي؟


ڏس، آءٌ پنهنجيءَ پيدائش کان وٺي بڇڙائيءَ ۾ ورتل هئس، بلڪ آءٌ تڏهن بہ گنهگار هئس جڏهن ماءُ جي پيٽ پيس.


پر جيڪڏهن هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ پوءِ ٻن هفتن تائين ناپاڪ رهندي، جيئن ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي. ان کان پوءِ هوءَ خون کان پاڪ ٿيڻ تائين ڇاهٺ ڏينهن وڌيڪ ڇِلي ۾ رهي.


جڏهن ڪنهن عورت کي ماهواري اچي، تہ اها ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندي ۽ جيڪو بہ کيس ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪا عورت پنهنجي ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جي اوگھڙ ڏسڻ لاءِ سندس ويجھو نہ وڃجو.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.


ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت خداوند جي ڏنل شريعت موجب جڏهن مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ خداوند جي آڏو حاضر ڪيائون،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan