يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“
ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت خداوند جي ڏنل شريعت موجب جڏهن مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ خداوند جي آڏو حاضر ڪيائون،