Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 11:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهن جانورن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 11:8
22 Iomraidhean Croise  

اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.


بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اهي اوڳارين نہ ٿا سي نہ کائجو، خاص طور سوئر.


پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ جائز آهن سي هي آهن. جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ آهن سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊ ۾ هجن توڙي ندين ۾.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ جھنگلي جانور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو يا وري ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو، تڏهن بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.


تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“


اهي ئي تہ ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻ‌ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“


ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندر مان ٻاهر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“


تنهن تي عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري،


انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا.


پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.


تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سلامت رهو.“


چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراهہ ٿئي.


حقيقت ۾ کاڌو اسان کي خدا سان نہ ٿو ملائي. جيڪڏهن نہ کائون تہ ڪو نقصان ناهي ۽ جيڪڏهن کائون تہ ڪو فائدو بہ ناهي.


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو،


تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو.


تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan