لاوي سرشتو 11:7 - Muslim Sindhi Bible7 بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اهي اوڳارين نہ ٿا سي نہ کائجو، خاص طور سوئر. Faic an caibideilSindhi Bible7 ۽ سوئر، ڇالاءِ جو انهي جا کر چيريل آهن ۽ پير ٻہ ڦاڪا اٿس، پر هو اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي. Faic an caibideil |
سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.