Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13-19 پکين مان جيڪي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن ۽ اوهان کي کائڻا نہ آهن، بلڪ انهن کان نفرت ڪرڻي آهي سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: عقاب، ڳجھہ، شڪرو، هِل، ڪانءُ، شترمرغ، باز، چٻرو، ڪنگ، چٻ، قاز، پِيَڻِ، لقلق، ٻگھہ، هُدهُد ۽ چمڙو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ۽ پکين مان هي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن؛ اهي کائڻ ۾ نہ اچن: يعني عقاب، باز ۽ ڪُريل؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 11:13
18 Iomraidhean Croise  

سرنگھہ واري انهيءَ رستي کي ڪوبہ شڪاري پکي ڪين ٿو ڄاڻي، نڪي باز جي اک ئي انهيءَ کي ڏسي سگھي ٿي.


جھنگلي ڪانءَ جي لاءِ ڪير کاڌو مهيا ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا مون خدا کي دانهون ڪري ٻاڏائين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري هيڏانهن هوڏانهن رلندا وتن ٿا؟


ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي. هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن، ۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن. اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو، موآب ملڪ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو.


اسان جو پيڇو ڪندڙ دشمن بازن جي اُڏام کان بہ وڌيڪ تکا هئا. هنن جبلن تي بہ اسان جو پيڇو ڪيو، ۽ بيابان ۾ اسان جي تاڙ ۾ ويٺا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.


۽ مڪروهہ آهن. اوهين انهن جو گوشت نہ کائجو ۽ انهن جي مڙهن کان نفرت ڪجو.


سو پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن ساهوارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.


هنن جا گھوڙا چيتن کان بہ وڌيڪ تيز رفتار آهن، اهي رات جو شڪار ڪندڙ بگھڙن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ آهن. سندن گھوڙيسوار ٽپندا ڪڏندا ٿا اچن. هائو، اهي ڏورانهين پنڌ کان ٿا اچن. اهي ائين ٿا اڏامندا اچن، جيئن باز شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ اڏامندو ايندو آهي.


وري جو نهاريان تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ عورتون آهن، جن کي لقلق پکيءَ جهڙا پر آهن. اهي هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون هيون. پوءِ مون ڏٺو تہ اهي انهيءَ گُندڙي کي کڻي هوا ۾ اڏامي هليون ويون.


جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan